سانگين سنڀارون

سانگين سنڀارون

سانگين سنڀارون

سانگين سنڀارون (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏي لکيل خطن ۽ ڪن خطن جي جوابن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو سهيڙيندڙ عنايت بلوچ آهي. ڪتاب ۾ پروفيسر لطف الله بدوي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر پروفيسر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، عبدالرسول قادري، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري، عبدالقادر منگي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، غلام حسين رنگريز، محمد ملوڪ عباسي، عبدالڪريم پلي، ڊاڪٽر فهميده حسين، مفتي محمد رحيم سڪندري، محمد عمر چنڊ، ولي محمد وفا، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شوري، مخدوم جميل الزمان، امداد حسيني، نفيس احمد ناشاد، وينا شرنگي، اسد جمال پلي، يعقوب علي زرداريءَ کان وٺي ارباب نيڪ محمد، تاج جويي، اختر درگاهي، اياز گل تائين 100 کان مٿي اديبن ۽ عام ماڻهن جا خط ۽ ڪن خطن جا ڊاڪٽر بلوچ جا جواب شامل آهن. آخر ۾ هڪ اخبار کي خط، هڪ ڪتاب جو مهاڳ ۽ هڪ تعزيتنامو به ڏنل آهي.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 292 صفحن تي مشمتل هي ڪتاب ’ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج اينڊ ريسرچ 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو